تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منيب اختر آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جي جوڙيل لارجر بينچ ۾ شموليت کان انڪار ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منيب اختر آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جي جوڙيل لارجر بينچ ۾ شموليت کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت جسٽس منيب اختر جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي لاءِ 4 رڪني بينچ عدالتي ڪمري ۾ پهتي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس مظهر عالم عدالتي ڪمري ۾ پهتا، جڏهن ته بينچ جو ميمبر جسٽس منيب اختر نه آيو. چيف جسٽس، اٽارني جنرل کي روسٽرم تي گهرايو ۽ چيو ته ڪيس بابت لارجر بينچ اڄ ٺهي هئي، ڪيس جو فيصلو ماضي ۾ پنج رڪني بينچ ٻڌايو هو. جسٽس منيب اختر طرفان رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي خط لکيو ويو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منيب اختر جو خط پڙهي ٻڌايو. جسٽس منيب اختر پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته هو ڪيس ٻڌڻ کان معذرت نه ڪري رهيو آهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي بينچ جوڙي آهي، ڪميٽي جي جوڙيل بينچ جو حصو نٿو ٿيڻ چاهي، بينچ ۾ ويهڻ کان انڪار نه ڪري پيو، بينچ ۾ شامل نه ٿيڻ جو غلط مطلب نه ورتو وڃي، سندس خط کي نظرثاني ڪيس جي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي. تحريڪ انصاف جو سينيٽر بئريسٽر علي ظفر روسٽرم تي اچي ويو ۽ هن ڪميٽي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪميٽي تڏهن بڻجي سگهي ٿي جڏهن ٽئي ميمبر موجود هجن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته  آرٽيڪل 63 اي جو ڪيس تمام گهڻو وڏو آهي، جج  کي ڪيس ٻڌڻ کان انڪار عدالت ۾ ڪرڻ گهرجي، خط کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي روايت ناهي، اميد آهي ته جسٽس منيب اختر ٻيهر بئنچ ۾ شامل ٿي ويندو، جسٽس منيب بئنچ ۾ شامل ٿي يا نه ٻنهي صورتن ۾ سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون