تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منيب اختر طرفان سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي لکيل خط سامهون اچي ويو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منيب اختر طرفان سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي لکيل خط سامهون اچي ويو آهي. جسٽس منيب اختر ترميمي آرڊيننس تحت بئنچون جوڙڻ تي سينيئر جج خط ۾ آئيني سوال اٿاريا آهن. جسٽس منيب اختر خط ۾ لکيو ته آرٽيڪل 63 ايَ نظر ثاني ڪيس پنجن رڪني لارجر بئنج آڏو مقرر ڪيو ويو، اها بئنچ  23 سيپٽمبر جي ججن واري ڪميٽيءَ ۾ ترميمي آرڊيننس تحت جوڙي وئي آهي. جسٽس منيب لکيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جواب ۾ سينيئر جج کي خط لکيو پر هن پنهنجي خط ۾ آئيني سوالن جا جواب نه ڏنا، افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته چيف جسٽس جي خط ۾ هڪ ميم هلي. هن چيو ته ڪميٽيءَ جي گذريل گڏجاڻي ۾ چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ بئنچ  جي راءِ ڏني، چيف جسٽس هاڻي بئنچ جو سربراهه ڇو بڻيو؟ سبب سامهون ناهن آيا، لارجر بئنچ ۾ ايڊهاڪ جج جسٽس مظهر عالم ميان خيل کي شامل ڪيو ويو. جسٽس منيب خط ۾ چيو ته موجوده حالتن ۾ هو آرٽيڪل 63 ايَ نظرثاني جي ٻڌڻي بئنچ ۾ شموليت کان معذرت ڪري ٿو، سندس معذرت کي ڪيس ٻڌڻ کان انڪار نه سمجهو وڃي. هن چيوته دستياب نه هجڻ سبب هو بئنچ ۾ شريڪ نه ٿو ٿي سگهي، سندس خط 63 ايَ  نظرثاني ڪيس جي فائل جو حصو بڻايو وڃي ۽ بئنچ ۾ عدم موجودگيءَ جو غلط مطلب نه سمجهو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون