تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي هدايت ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي آرمي چيف جنرل عاصم منير  9 مئي ڪيسن ۾ ملوث ويهن ڄڻن جي سزا معاف ڪري ڇڏي.

- Advertisement -
9مئي ڪيسن ۾ ملوث سزا ٻڌايل ويهن ڄڻن کي آرمي چيف جنرل عاصم منير طرفان رعايت ڏيڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي هدايت ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي آرمي چيف جنرل عاصم منير  9 مئي ڪيسن ۾ ملوث ويهن ڄڻن جي سزا معاف ڪري ڇڏي. اهي جوابدار 9 کان 10 مهينا سزا ڪاٽي چڪا آهن، کين کي 6 ۽ ست اپريل تي آزاد ڪيو ويو. آزادي ماڻيندڙن ۾ محمد ادريس، نادر خان، لال شاهه، محمد فيصل، حسن شاڪر، محمد انس ۽  عبدالجبار شامل آهن. شهريار ذوالفقار، عبدالله عزيز، عبدالستار، راشد علي ۽  عمر محمد کي به آزاد ڪيو ويو. آزادي ماڻيندڙن جو تعلق راولپنڊي، لاهور، گجرانوالا، دير ۽ مردان سان آهي. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ جوابدارن جي آزادي بابت سپريم ڪورٽ کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته راولپڻڊي جي اٽن جوابدارن کي هڪ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، ان کانسواءِ لاهور جي ٽن ۽  گجرانوالا جي پنجن جوابدارن کي هڪ  هڪ سال سزا ٻڌائي وئي. اٽارني جنرل چيو ته آزاد ٿيندڙن ۾ دير جا 3 ۽ مردان جو هڪ جوابدار شامل هو. رپورٽ ۾ چيو يو ته آزاد ٿيندڙ مان ڪنهن به جوابدار پنهنجي سزا مڪمل نه هئي هئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير کين عيد کان اڳ رعايت ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون