- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿي رهيو آهي.
چيف جسٽس جي صدارت هيٺ ٿيندڙ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ سنڌ هائيڪورٽ ۾ 12 ايڊيشنل ججن لاءِ 46 نالن تي غور ڪيو ويندو.
جوڊيشل ڪميشن کي اماڻيل نالن ۾ 6 ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنن جج ۽ 40 وڪيل شامل آهن.
جوڊيشل ڪميشن کي اماڻيل لسٽ ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن ۾ سريش ڪمار، خالد حسين شاهاڻي، مشتاق حمد لغاري، تسنيم سلطانه، منور سلطانه ۽ امير علي مهيسر جا نالا شامل آهن.
جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ علي حيدر، نثار احمد ڀنڀرو، حق نواز ٽالپر، محسن قادر شاهواڻي، سنديپ ملاڻي، عرفان هاليپوٽي، جان علي جوڻيجي، راشد مصطفيٰ ۽ شازيه هنجرا سميت ٻين جا نالا سنڌ هائيڪورٽ ۾ جج طور مقرري لاءِ غور هيٺ ايندا.- Advertisement -
