تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ خوشقسمتي سان 22 پاڪستاني بچي ويا جنهن جي لسٽ شيئر ڪئي وئي آهي،واقعي جي نگراني ڪئي پئي وڃي:شفقت خان

- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت خان چيو آهي ته ٻيڙي حادثي بابت مراڪش جي اختيارين سان مسلسل رابطو آهي، ڪنهن جي فوت ٿيڻ يا زنده بچڻ بابت غلط ڄاڻ نه ٿي ڏئي سگهجي،  پاڪستان ۾ آباد افغان پناهگيرن بابت پراڻي پاليسي تي عمل ڪيو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت خان چيو ته  مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ خوشقسمتي سان 22 پاڪستاني بچي ويا جنهن جي لسٽ شيئر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جي نگراني ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته  مراڪش جي اختيارين حادثي کانپوءِ سمورن معاملن ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته مراڪش ٻيڙي حادثو نازڪ معاملو آهي،  واقعي بابت ڪنهن جي زنده بچڻ يا فوت ٿيڻ جي غلط ڄاڻ نه ٿي ڏئي سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت خان چيو ته ٻيڙي حادثي جو هنڌ مراڪش جي راڄڌاني رباط کان ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن چيو ته  پاڪستان غزا کي ٻيهر رهڻ لائق بڻائڻ جو خواهشمند آهي، جنگبندي کانپوءِ اسرائيل جا ٻيهر حملا مذمت جوڳا آهن. سندس چوڻ  هو ته  پاڪستان افغان پناهگيرن بابت پنهنجي پراڻي پاليسي تي عمل ڪندو،  پاليسي تبديل ڪرڻ جون ڪي هدايتون نه مليون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت خان چيو ته افغانستان جي اختيارين کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته هٿيار  دهشتگردن جي هٿ نه اچن، افغانستان جا پاڪستان تي الزام بي بنياد آهن. هن چيو ته هو  پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽا بابت ڪنهن به ڪوشش لاءِ تيار آهن. سندس چوڻ هو ته  هو افغانستان حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته  ٽي ٽي پي جي ٿاڪن جو مسئلو کين حل ڪرڻو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جا ٿاڪ  نه رڳو پاڪستان پر سموري خطي لاءِ خطرناڪ آهن، پاڪستاني سڪيورٽي فورسز  چوڪس الرٽ آهي. هن چيو ته افغانستان طرفان پاڪستان تي داعش جي حمايت ڪرڻ جا الزام  بي بنياد آهن. سندس چوڻ  هو ته ڪشمير مسئلو جيڪڏهن ڪنهن نموني حل ڪري سگهجي ٿو ته آجيان ڪندا،  ڪشميري عوام کي خود اردايت جو حق گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ملڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
19 %
0.8kmh
0 %
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون