- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس تي پنهنجي محفوظ ڪيل راءِ اڄ ٻڌائيندي.
ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ۽ پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ خلاف داخل صدارتي ريفرنس تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
سپريم ڪورٽ ستن ٻڌڻين دوران ڌرين ۽ عدالتي مددگارن جا دليل ٻڌڻ بعد 4 مارچ تي پنهنجي راءِ محفوظ ڪئي هئي، جيڪا اڄ ٻڌائي ويندي.
ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهيءَ خلاف صدارتي ريفرنس تڏهوڪي صدر آصف علي زرداريءَ طرفان 2011ع ۾ داخل ڪيو ويو هو.- Advertisement -
