مخصوص سيٽون جاري ٿيڻ بعد نئين پارٽي پوزيشن ۾ مسلم ليگ ن 123 سيٽن سان پهرين نمبر تي موجود آهي.

- Advertisement -
مخصوص سيٽون جاري ٿيڻ بعد نئين پارٽي پوزيشن ۾ مسلم ليگ ن 123 سيٽن سان پهرين نمبر تي موجود آهي. مسلم ليگ ن 75 جنرل سيٽون کٽيون ۽ 9 آزاد اميدوار شامل ٿيا، پارٽيءَ کي 34 عورتن ۽ 5 اقليتن جون سيٽون مليون. قومي اسيمبليءَ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ 82 آهي. پيپلزپارٽيءَ  جي ميمبرن جون انگ 73 آهي، پ پ 54 جنرل سيٽون کٽيون، سورهن عورتن ۽ 3 اقليتي سيٽون ملڻ بعد اهو انگ 73 ٿي ويو. ايم ڪيو ايم سترهن جنرل، چار عورتن ۽ هڪ اقليتي سيٽن سان مجموعي انگ 22 آهي، جي يو آءِ ڇهن جنرل، چار عورتن ۽ هڪ اقليتي سيٽ سان مجموعي انگ 11 ٿي ويو. قومي اسيمبلي ۾ آءِ پي پي  چار سيٽون آهن، ايم ڊبليو ايم، مسلم ليگ ضياءَ، باپ، بي اين پي، نيشنل پارٽي ۽ پي ڪي ميپ جي هڪ هڪ سيٽ آهي. قومي اسيمبلي ۾ اٺن ميمبرن پنهنجي آزاد حيثيت برقرار رهي آهي، هڪ تڪ تي چونڊ ناهي ٿي، جڏهن ته هڪ جو نوٽيفڪيشن روڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
27%
1.1m/s
0%
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون