- Advertisement -
سپريم ڪورٽ طرفان سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن واري ڪيس بابت فل ڪورٽ جو ٻيهر اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي فيصلي تي غور ڪيو ويو.
فل ڪورٽ جي اجلاس بعد سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
ڪاز لسٽ موجب سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي فيصلو اڄ منجهند ٻارهين وڳي ٻڌايو ويندو.
سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني ريگيولر بئنچ فيصلو ٻڌائيندي.- Advertisement -
