- Advertisement -
ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪ سرڪل ڪراچي ڪارروائي ڪندي ڪرنسي جي غيرقانوني خريد ۽ وڪري ۾ ملوث خانگي بينڪ مينيجر سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته وفاقي گھرو وزير محسن نقوي جي هدايت تي حواله هنڊي ۽ غيرقانوني ڪرنسل ايڪسچينج ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
ترجمان موجب، ايف آءِ اي ڪراچي جي علائقي ويسٽ وهارف روڊ تي خانگي بينڪ تي ڇاپو هڻي مينيجر شجاع الدين ۽ حسين نالي ڊيلر کي گرفتار ڪيو ويو.
ايف آءِ اي ترجمان ٻڌايو تهجوابدار شجاع الدين ۽ حشين غيرقانوني طور ڪرنسي جي خريد ۽ وڪري م ملوث هئا، سندن قبضي مان 10 هزار امريڪي ڊالر هٿ ڪيا ويا آهن.
ايف آءِ اي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، جوابدارن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
