- Advertisement -
سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آئين ۾ اختيارن جي ورڇ بلڪل واضح آهي، آئين ۾ واضح آهي ته ايگزيڪٽو عدليه جو ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن شهري آرمي ايڪٽ ۾ داخل ٿيل ڏوهه ڪندو ته فوجي ٽرائل ٿيندو، فوجي عدالتن جو معاملو آئين جي آرٽيڪل 175 کان الڳ آهي، ڪو شهري روڪڻ باوجود فوجي چوڪي وٽ ويندو ته ڇا ٿيندو.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني بئنچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي جي شروعات تي سپريم ڪورٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي سميت آئيني بئنچ جي ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس امين الدين خان چيو ته آئيني بئنچ ۾ رڳو فوجي عدالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.- Advertisement -
