تازه ترين

ٽيهن سالن کان ميڊيا ٽرائل پيو هلي، هاڻي سياسي بنيادن تي ڪيسن جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي : آغا سراج دراني

- Advertisement -
سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ٽيهن سالن کان ميڊيا ٽرائل پيو هلي، هاڻي سياسي بنيادن تي ڪيسن جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته هر ڀيري ڪيسن مان بري ڪيو ويو، لاڳاپيل جج رٽائر ٿي ويا، اسان جي درخواست تي فيصلو نه ٿي سگهيو، نوان جج فيصلو ڪندا. سندس چوڻ هو ته هنن هميشه ڪيسن کي منهن ڏنو آهي، پيپلز پارٽي مزاحمت ڪري رهي آهي جنهن سبب مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پارٽي قيادت ڪيسن کي منهن ڏيڻ سيکاريو آهي. هن چيو ته ڪيس هليو ته ڪوڙ ۽ سچ سامهون اچي ويندو. آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت کي اتحادين سان صلاح ڪرڻ گهرجي، آصف زرداري پارليامينٽ کي بااختيار بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه نون ڪئنالن جي تعمير جي مخالفت ڪري ٿو، جيڪڏهن ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته روڊن تي نڪرنداسين. سندس چوڻ هو ته هو چاهين ٿا ته ملڪ آئين موجب هلي، صوبي ۾ رهندڙ سڀني شاگردن جا برابر حق آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.2 ° C
27.2 °
27.2 °
45 %
3.5kmh
6 %
سُومر
27 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
33 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون