سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾  عام شهرين جي ٽرائل واري ڪيس ۾ گرفتار 103 جوابدارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾  عام شهرين جي ٽرائل واري ڪيس ۾ گرفتار 103 جوابدارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ڇهه رڪني لارجر بئنچ  فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ  خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ جسٽس جواد ايس خواجه جي وڪيل بئنچ تي اعتراض واريندي چيو ته بئنچ جي ميمبرن تي اعتراض آهي، بئنچ وڏي هجڻ گهرجي. هن چيو ته 9 رڪني بئنچ جوڙي وڃي، ان ڪيس ۾ اهو تاثر وڃڻ گهرجي ته فيصلي جو دارومدار بئنچ جوڙڻ تي هو. وڪيل چيو ته جوابدار گفرتار آهن، سندن گهرڀاتي عدالتي ڪارروائي ۾ شامل ٿيڻ چاهن ٿا تنهنڪري عدالت  انهن کي ٻڌڻي ڏسڻ جي اجازت ڏي. ڪيل چيو ته اهو سوال نه رهڻ گهرجي ته 9 رڪني بئنچ هجي ها ته فيصلو مختلف هجي ها، هي اداري تي عوام جي اعتماد جي ڳالهه آهي. ٻئي پاسي ڪي پي حڪومت فوجي عدالتن ۾ سويلنز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ  خلاف اپيلون واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي. ڪي پي حڪومت جي وڪيل چيو ته هو انٽرا ڪورٽ  اپيلون واپس چاهن ٿا، صوبائي حڪومت ٺهراءُ  عدالت ۾ پيش ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ججن، ڪي پي حڪومت جي وڪيل کي چيو ته ڪابينا جي ٺهراءَ تي ته اپيل واپس نٿي ٿي سگهي، مناسب هوندو ته ان لاءِ باضابطا درخواست ڏني وڃي. فوجي عدالتن خلاف درخواست ڏيندڙن خانگي وڪيلن تي به تي اعتراض ڪيو. وڪيل فيصل صديقي چيو ته سرڪاري ادارن طرفان اٽارني جنرل 5 اپيلون داخل ڪرايون آهن، جڏهن ته ڪجهه وزارتن طرفان خانگي وڪيل رکيا ويا آهن. وڪيل احمد حسين چيو ته بئنچ چوڙن لاءِ مناسب هوندو ته معاملو ٻيهر ججن جي ڪميٽيءَ ڏانهن موڪليو وڃي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته پهريان 9 رڪني بئنچ ٺهي وڃي ها ته اپيلن تي ٻڌڻي ممڪن نه هئي. وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ گڏيل فيصلو ڏئي ٽرائل ڪالعدم قرار ڏنو آهي، جيڪڏهن 6 رڪني بئنچ ان کي ٻن جي ڀيٽ ۾ چئن سان ڪالعدم قرار ڏي ته اهو تڪراري ٿي ويدنو. عدالت اٽارني جنرل کي چيو ته گرفتار 103 جوابدارن جي تفصيل فراهم ڪيا وڃن، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
33%
2.7m/s
0%
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون