گورنر احد چيما جي ٻارن جي فيس معاف ڪرڻ واري معاملي تي ايچيسن ڪاليج جي پرنسپال استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي وزير احد چيما جي ٻارن جي في معاف ڪرڻ واري معاملي تي ايچي سن ڪاليج جي پرنسپال مائيڪل ايَ ٿامسن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ايچيسن  ڪاليج جي پرنسپال اسٽاف کي خط ذريعي پنهنجي استعيفيٰ کان آگاهه ڪيو. خط ۾ مائيڪل ايَ ٿامسن چيو ته گورنر هائوس جي تعصب وارن قدمن اسڪول جي گورننس کي خراب ڪيو آهي، ڪجهه ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ لاءِ اسڪول جي پاليسيءَ کي نقصان پهچاي وويو. خط ۾ چيو ويو ته ا سڪول ۾ سياست ۽ پنهنجا نوازي جي ڪا به گنجائش ناهي، پهرين اپريل بعد مينيجمينٽ ۽ داخلائن ۾ ڪو ڪردار ادا نه ڪندو. وفاقي وزير احد چيما جي گهرواريءَ في معاف ڪرڻ لاءِ پنجاب جي گورنر کي درخواست ڪئي هئي، جنهن بعد گورنر جي چوڻ تي احمد چيما جي ٻنهي ٻارن جي ٽن ورهين لاءِ في معاف ڪئي وئي هئي. گورنر پنجاب جي حڪم نامي موجب هن همدردي تحت غور ڪندي وفاقي وزير احد چيما جي ٻارن جي في معاف ڪئي، ڪاليج جي پرنسپال منظور ڪيل موڪل ختم ٿيڻ بعد  اسڪول نه وڃڻ تي احمد چيما جي ٻارن جي داخلا رد ڪري ڇڏي هئي، گورنر پنجاب پرنسپال جا اهي آرڊر به رد ڪري ڇڏيا هئا. ان سلسلي ۾  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ٻار ٽن ورهين کان ايچي سن ڪاليج ۾ نه پيا پڙهن، ان ڪري احد چيما جي گهرواريءَ رولز موجب في معاف ڪرڻ جي درخواست ڏني، جنهن کي گورنر  قانون موجب منظور ڪيو، رپورٽ جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد  خبر پوندي ته معاملي کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
33%
2.7m/s
0%
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون