- Advertisement -
سپريم ڪورٽ پاران اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊ ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال خلاف توهين عدالت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي 28 جون تائين ملتوي،
عدالت پاران مصطفيٰ ڪمال جي فوري معافي واري درخواست رد ڪري ڇڏي، پريس ڪانفرنس نشر ڪرڻ تي 34 ٽي وي چينلز کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري،
عدالت چيو ته ٽي وي چينلز ٻن هفتن ۾ ٻڌائن ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي، فيصل واوڊ کي جمع ڪرايل جواب تي نظرثاني لاءِ هڪ هفتي جي مهلت،
چيف جسٽس چيو ته ڇا فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال ندامت لاءِ ڪا ٻي پريس ڪانفرنس ڪئي؟، فروغ نسيم چيو ته اهڙي ڪابه پريس ڪانفرنس ناهي ڪئي وئي.- Advertisement -
