- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سان چيني ڪمپني ترانشيئن هولڊنگز جي باني ۽ چيئرمين زو زائوجيانگ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران چيني ڪمپني پاران پاڪستان جي 4 شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو.
چيني ڪمپني پاران موبائل فونز جي تياري، اليڪٽرڪ بائيڪس، جديد زراعت ۽ فِن ٽيڪ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، پاڪستان وٽ هر قسم جا وسيلا موجود آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان وٽ سڀ کان وڏي طاقت نوجوانن جي آهي.
ملاقات ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال ۽ محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، ڄام ڪمال، عطا تارڙ ۽ شيزه فاطمه به شريڪ هئا.- Advertisement -
