تازه ترين
پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: صدر آصف علي زرداري هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاريءَ کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي: سيد مراد عل... وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪالي وارين اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستاني نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن : ب... صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت... سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  گهوٽڪي ويجهو ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو ڪوٽڙي ۾ 12 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ٿي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري...

سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽن ۾ ججن جي خالي سيٽن تي ڀرتيون ڪرڻ ترجيح آهي : چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽن ۾ ججن جي خالي سيٽن تي ڀرتيون ڪرڻ ترجيح آهي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ سپريم ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته خواهش آهي ته سپريم ڪورٽ مڪمل ٿي وڃي.

سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽن ۾ ججن جي خالي سيٽن تي ڀرتيون ڪرڻ ترجيح آهي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ججن جي مقررين کان پهريان هائيڪورٽس رولز ۾ ترميم ضروري آهي، ترميم لاءِ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته هائيڪورٽس جي چيف جسٽس کي اپيل آهي ته آهستي آهستي هائيڪورٽس ۾ ججن جا انگ مڪمل ڪن.

چيف جسٽس قاضي فائر عيسيٰ چيو ته ججن جون مقرريون موجوده طريقيڪار سان ڪن يا نئين رولز موجب ان بابت ڌرين سان ڳالهيون ڪندا، ٽيڪنالاجي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرين جو معاملو محدود ڪري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪابه بينچ هڪ هفتي کان گهٽ جي نه هئڻ گهرجي، ڏسڻو اهو آهي ته وڊيو لنڪ يا رجسٽري رکن يا ٻنهي کي گڏ کڻي هلن.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته بار ۽ بينچ مختلف نه پر هڪ آهن، هميشه بار جي چونڊيل نمائندن ئي ترجيح ڏني، رجسٽري تي بينچ جوڙڻ واري عمل جي لاهور کان شروعات ڪري ڇڏي آهي، ايندڙ مرحلي ۾ ٻين رجسٽرين ۾ ويندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
26 %
1.9kmh
5 %
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
36 °

تازه ترين خبرون