تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ نينگر سميت 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ عورت سميت 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ نينگر سميت 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ عورت سميت 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا. گهوٽڪي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ نينگر فوت ٿي ويو. ڳوٺ الهداد سيال ۾ ڏهن ورهين جو دلبر سيال ٽريڪٽر ٽرالي هيٺيان اچي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. باڊهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ سائينداد جوڻيجو وٽ وين بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ وين ڊرائيور مقبول انڙ فوت ٿي ويو جڏهن ته ايمنه خاتون، اختيار انڙ ۽ محمد علي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي بعد فوتي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي,
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24 ° C
24 °
24 °
36 %
2.2kmh
70 %
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
35 °
خميس
28 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون