- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ۾ صحافي ارشد شريف جي قتل بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي لاءِ بينچ جوڙي وئي آهي.
پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي لاءِ جسٽس جمال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ قائم ڪئي وئي.
جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه، جسٽس حسن اظهر ۽ جسٽس اطهر به شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 3 رڪني بينچ برقرار رکڻ جي راءِ ڏني، جڏهن ته جسٽس منصور علي شهاه جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بئنچ جوڙڻ جي راءِ ڏني، جنهن سان جسٽس منيب به اتفاق ڪيو.
سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي هاڻي گرمين جي موڪل بعد ڪندي.- Advertisement -
