- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير، سينيٽر فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.
جسٽس عرفان سعادت ۽ جسٽس نعيم اختر به بينچ جو حصو آهن.
سينيٽر فيصل واوڊا پريس ڪانفرنس ڪري اسلام آباد هائيڪورٽ جي ججن کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو، نيب ترميم ڪيس جي ٻڌڻي دوران به فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس جو ذڪر ٿيو، جسٽس اطهر من الله اٽارني جنرل کي روسٽرم تي گهرائي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.- Advertisement -
