- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري گرين پاڪستان انيشيٽو جو دورو ڪيو آهي.
صدر کي گرين پاڪستان انيشيٽو جي هاڻوڪي دوري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ايس آءِ ايف سي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس آءِ ايف سي تحت قائم هن انيشيٽو ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، فشريز، گرين ٽوئرزم کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪاربان فٽ پرنٽ جي گهٽتائي جهڙن اهم شعبن تي ڪم جاري آهي.
ذريعن موجب، گرين پاڪستان انيشيٽو پاران شروع ڪيل منصوبن ۾ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم، پاڻي جي مئنيجمينٽ جو نظام، ايگري مالز جو تصور ۽ زرعي خدمتن سان لاڳاپيل ڪمپني جو قيام شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم جو مقصد عام هاريءَ کي سندس زرعي ايراضيءَ بابت صحيح وقت جي معلومات فراهم ڪرڻ آهي، جنهن سان فائدو حاصل ڪندي هاري نه رڳو پنهنجا خرچ ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي ڪري سگهي ٿو، پر پيداوار ۾ به 30 کان 40 سيڪڙو تائين واڌ ڪري سگھي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙي طرح ايگري مالز ذريعي هاريءَ کي هڪ ئي ڇت هيٺ سمورا زرعي اوزار، اعليٰ معيار جا ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون هڪجهڙي قيمتن تي دستياب هونديون.
ذريعن موجب، سمارٽ ايريگيشن سسٽم ذريعي پاڻي جي گهٽ استعمال سان وڌيڪ پيدوار ۾ خود ڪفالت سان گڏوگڏ شيون ٻاهر اماڻڻ جي صلاحيت به وڌائي سگهجي ٿي، صدر کي آگاهه ڪيو ويو ويو ته ايس آءِ ايف سي ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو جي ڪوششن سان پاڪستان ۾ ڪيترن کي سالن کانپوءِ بمپر فصل ٿيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سمورا صوبا گڏجي ايس آءِ ايف سي ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهن.
ذريعن موجب، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا گڏوگڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن به پنهنجي زرعي ايراضيءِ کي گرين پاڪستان انيشيٽو ۾ رجسٽر ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن قدم سان هارين کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو.- Advertisement -
