- Advertisement -
سپريم ڪورٽ 9 مئي تي راولپنڊي ۾ فوجي ٿاڪن تي حملن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پنجاب حڪومت کي رپورٽون جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پنجاب حڪومت جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ داخل اپيلن تي دليلن لاءِ وقت گهري ورتو.
ايڊيشنل پراسيڪيوٽر چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽون جمع ڪرائڻ چاهن ٿا، ان جي روشني ۾ دليل ڏيندا.
عدالت پنجاب حڪومت کي رپورٽون جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڪجهه اپيلون ته ڪيس منتقل ڪرڻ جون به آهن، ڪيس منتقل جون اپيلون ته غير موثر ٿي چڪيون آهن.
ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت راولپنڊي جو جج تبديل ٿي چڪو آهي، ٽرانسفر جون يارنهن درخواستون آهن، سڀني ۾ 2، 2 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، فيصلي ۾ پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب خلاف رمارڪس به ڏنا ويا آهن.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڪجهه پيسا ته اوهان ماڻهو به جمع ڪرايو.
احمد رضا گيلاني چيو ته هو پراسيڪيوٽر طور اهو تڪليف جو سبب آهي ته عدالتي ڪارروائي ۾ رنڊڪ وجهڻ جو چيو وڃي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏنا ته اهڙي ڳالهه آهي ته پنهنجي جوڊيشل آفيسر کي گهرائي موقف به ٻڌو، ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ ڏنڊ ختم نٿو ڪري سگهجي، مناسب ٿيندو ٽرانسفر ڪرڻ بابت اپيلن تي ٻيهر هدايتون وٺو.
ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب چيو ته سڀاڻي ۽ ٻئي ڏينهن به 9مئي جا ڪيس مقرر آهن.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته سڀاڻي جا ڪيس سڀاڻي ڏسندا.
پنجاب پراسيڪيوشن مختلف جوابدارن جي ضمانت جي فيصلن کي رد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.- Advertisement -
