- Advertisement -
سڄي سنڌ ۾ ستن ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪئي وئي، صحت واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد جو چوڻ آهي ته پوليو جي خاتمي واري مهم 3 مارچ تائين جاري رهندي.
صحت واري نگران وزير چيو ته صوبي ۾ اڄ کان ستن ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته پوليو جي خاتمي واري مهم 3 مارچ تائين جاري رهندي، هڪ ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا.
صحت واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد چيو ته ڇهن مهينن کان پنجن سالن تائين جي ٻارن کي وٽامن ايَ جي اضافي خوراڪ ڏني ويندي.
هن چيو ته ٽي هزار ست سئو کان وڌيڪ اهلڪار پوليو ٽيمن جي سڪيورٽي لاءِ مقرر هوندا.
صحت واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد چيو ته هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس ظاهر ڪيو آهي، والدين ۽ استاد پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪن.- Advertisement -
