تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اجلاس طلب نه ڪرڻ سان صدر عارف علوي جي ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي : شيري رحمان

- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته آئين ۾ واضح آهي ته صدر کي هر صورت ۾ اجلاس طلب ڪرڻو آهي، اجلاس طلب نه ڪرڻ سان صدر عارف علوي جي ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي، اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان مشروط ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  شيري رحمان چيو ته پارلياماني معاملن واري وزير ڪجهه ڏينهن اڳ صدر عارف علوي کي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ سمري اماڻي هئي. سندس چوڻ هو ته صدر عارف علوي اڃا تائين سمري تي صحي ناهي ڪئي، صدر طرفان اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان مشروط ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته صدر عارف علوي جو دورو پهريان ئي تڪرارن جو شڪار رهيو آهي، وڃڻ کان اڳ به هو صدارتي نه تحريڪ انصاف جي قسم جي پاسداري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 2 تحت اليڪشن بعد 21 ڏينهن تائين اجلاس لازمي گهرائڻو آهي، آئين ۾  اجلاس کي ڪنهن رولڙي جو شڪار معاملي سان مشروط نه ڪيو وڃي. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته صدر عارف علوي هميشه آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، کيس وڃڻ کان اڳ اهڙي ڪنهن به غير آئيني قدم کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون