تازه ترين

سڄي ملڪ ۾ سياسي سرگرمين ۾ تيزي، سياسي پارٽي طرفان جلسا، جلوس ۽ در در ڪيمپين جو سلسلو جاري

- Advertisement -
سڄي ملڪ ۾ سياسي سرگرمين ۾ تيزي، سياسي پارٽي طرفان جلسا، جلوس ۽ در در ڪيمپين جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي اڄ گجرات ۾ سياسي پاور شو جو مظاهرو ڪندي جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ منجهند ٻي وڳي جلسي کي خطاب ڪندو، جلسي گاهه ۾ ڪارڪنن جي لاءِ ڪرسيون لڳايون ويون آهن، جلسي جي ميزباني قومي اسيمبلي جو اميدوار قمر زمان ڪائره ۽ آصف بشير باگٽ ڪندو. پيپلزپارٽي طرفان عام چونڊن لاءِ اليڪشن مهم زور شور سان جاري آهي، اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ روزاني جي بنياد تي جلسن کي خطاب ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري به چونڊ مهم لاءِ سرگرم آهي. مسلم ليگ نون عام چونڊن جي سلسلي ۾ منڊي بهاءُ الدين ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي. اڳوڻو وزيراعظم ۽ ن ليگ جو صدر شهباز شريف سميت ٻيا اڳواڻ منڊي بهاءُ الدين جي قائد اعظم گرائونڊ ۾ ٿيندڙ جلسي کي خطاب ڪندا. جلسي گاهه جي ڀرپاسي وارن عمارتن کي بينرن سان سجايو ويو جڏهن ته ڪارڪنن جو جوش وڌائڻ لاءِ مقامي قيادت آتشبازي جو مظاهرو ڪيو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
51 %
2.6kmh
21 %
آچر
26 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون