- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پنجاب خاص طور لاهور ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري جي آجيان ساراهه جوڳي آهي، لاهور هڪ ڀيرو ٻيهر لاڙڪاڻي جيان پيپلزپارٽي جو ڳڙهه بڻجي رهيو آهي، پنجاب جا ماڻهو روايتي سياست ۽ پارٽين کان تنگ اچي چڪا آهن، پنجاب جا ماڻهو نفرت، ورهاست ۽ ڏڦيڙ جي نه تعميري سياست چاهن ٿا، ماڻهن کي الزام بازي ۽ ماضي جي سياست ۾ هاڻي ڪابه دلچسپي ناهي، عوام سنجيده سياست ۽ نئين قيادت طرف ڏسي رهيو آهي، عوامي مسئلن جو حل رڳو پ پ جي 10 نڪاتي ايجنڊا ۽ منشور ۾ آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته پنجاب خاص طور لاهور ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري جي آجيان ساراهه جوڳي آهي.
سندس چوڻ هو ته لاهور هڪ ڀيرو ٻيهر لاڙڪاڻي جيان پيپلزپارٽي جو ڳڙهه بڻجي رهيو آهي.
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته پنجاب جا ماڻهو روايتي سياست ۽ پارٽين کان تنگ اچي چڪا آهن، پنجاب جا ماڻهو نفرت، ورهاست ۽ ڏڦيڙ جي نه تعميري سياست چاهن ٿا.
هن چيو ته ماڻهن کي الزام بازي ۽ ماضي جي سياست ۾ هاڻي ڪابه دلچسپي ناهي، عوام سنجيده سياست ۽ نئين قيادت طرف ڏسي رهيو آهي.
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته عوامي مسئلن جو حل رڳو پيپلزپارٽي جي 10 نڪاتي ايجنڊا ۽ منشور ۾ آهي، ماڻهو 8 فيبروي تي واضح اڪثريت سان پ پ کي ڪامياب ڪندا.- Advertisement -
