- Advertisement -
موجوده حڪومت جي هڪ سال جي مدي ۾ ڪنزيومر پرائس انڊيڪس ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، وزيراعظم شهبازشريف مهانگائي ۾ مسلسل گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
حڪومتي پاليسين سبب مهانگائي نون ورهين جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، فيبروري 2025ع ۾ ڪنزيومر پرائز انڊيڪس جي شرح هڪ ڏهائي 5 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل سال جنوري ۾ 23 ڏهائي هڪ سيڪڙو هئي.
سيپٽمبر 2015ع يعني هڪ سئو چوڏهن مهنين بعد اهِا مهانگائيءَ جي گهٽ ترين سطح تي آهي، مهانگائيءَ جي اها گهٽتائي شهري ۽ ٻهراڙيءَ ٻنهي علائقن ۾ اگهن ۾ گهٽتائيءَ کي ظاهر ڪري ٿي.
جولاءِ 2024 کان فيبروري 2025ع تائين سي پي آءِ جي اوريج شرح 5 ڏهائي 9 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل سال ان مدي دوران 28 سيڪڙو نمايان گهٽتائي آهي.
وزيراعظم شهبازشريف مهانگائي جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت پنهنجو هڪ سال پورو ڪري رهي آهي، ان موقعي تي مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي واري خبر سٺي خبر آهي.
هن چيو ته جولاءِ 2024ع کان فيبروري 2025ع تائين ايوريج مهانگائي 5 ڏهائي 9 سيڪڙو رهي.
شهبازشريف چيو ته معيشت ۾ مسلسل ۾ بهتري ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، معيشت جي بهتري ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم چيو ته ميڪرو اڪنامڪ معاشي بهتري جو فائدو عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويو آهي، عوامي کي مناسب اگهن تي عام واهپي جي شين جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.- Advertisement -
