تازه ترين

سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 تي عارضي دروازو لڳائڻ وارو ڪم مڪمل

- Advertisement -
سکر بئراج عارضي دروازو گيٽ نمبر 47 تي لڳائڻ وارو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. سکر بئراج جي پانڊ ليول ۾ اضافو ٿيڻ وارو عمل جاري آهي. سکر بئراج تي پانڊ ليول 196 ڏهائي 6 فوٽ تي پهچي ويو. سکر بئراج جي رائيس ڪئنال ۾ 9 هزار 200 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي. دادو ڪئنال ۾ 2000 ڪيوسڪ ۽ نارا ڪينال ۾ 13 هزار 700 ڪيوسڪ ڇوڙ ڪيو ويو. روهڙي ڪئنال ۾ 10 هزار 50 ڪيوسڪ ڇوڙ ڪيو ويو آهي. سکر بئراج جي واهن ۾ مجموعي طور 41 هزار 550 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو. سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 66 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 25 هزار 350 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪيسن گيٽ لڳائڻ کانپوءِ 47 دروازي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. عارضي دروازي لڳڻ کانپوءِ بند ۽ دروازي جي وچ مان پاڻي نيڪال ڪري ان کي خالي ڪيو ويندو جنهن بعد گيٽ نمبر 47 تي ڪم شروع ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
broken clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
40 %
3.1kmh
52 %
آچر
28 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون