- Advertisement -
سکر جي عدالت جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي گرفتار ٽن جوابدارن جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 12 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ون جي جج عبدالرحمان قاضي صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
فريادي ڪرم الله مهر، شاهد اياز احمد، وڪيل قربان ملاڻو، مجيب الرحمان ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت روپوش جوابدارن جي گرفتاري بابت پڇاڻو ڪيو.
جاچ آفيسر عبدالقدوس ڪلوڙ چيو ته فريادي ڌر وڌيڪ 3 نالا شامل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني آهي جوابدارن کي گرفتار ڪري پيش ڪيو ويندو.
جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ اڃا مڪمل ناهي ٿي سگهي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.
عدالت گرفتار ٽن جوابدارن بخشل عرف بخشو مهر، بابر مهر ۽ منور مهر جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 12 ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي 7 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….- Advertisement -
