تازه ترين

ڪارونجهر سنڌ جو سياحتي، ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي ماڳ ھئن سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو واحد ذريعو آھي : ڪارونجهر سجاڳ فورم

- Advertisement -
ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف مھم ھلائيندڙ ڪارونجهر سجاڳ فورم چيو آهي ته ڪارونجهر سنڌ جو سياحتي، ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي ماڳ ھئن سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو واحد ذريعو آھي سنڌ جي نگران حڪومت گرينائيٽ سٽي جا خواب ڏيکاري ڪارونجهر جو سوڌو بند ڪري. جاري ڪيل بيان ۾ ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الھرکيو کوسو، مصطفي دل، رميش ڪارونجهري ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي نگران حڪومت صوبائي ڪابينا جو اجلاس سڏايو آھي جنھن ۾ ننگرپارڪر ۾ گرينائيٽ سٽي ٺاھڻ جي ايجنڊا به شامل ڪئي وئي آھي. ھنن چيو ته مقامي ماڻهو ڪيترائي ڀيرا ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ ليزن کي رد ڪري چڪا آھن پر اڻ چونڊيل ۽ اڻ سمجهه حڪومت ڪارونجھر جو سوڌو ڪرڻ لاءِ تيار آھي. اڳواڻن چيو ته سنڌ ھائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ڪارونجهر جي مڪمل علائقي اندر ليزن کي رد ڪري ڪارونجهر کي مڪمل محفوظ بڻائي سنڌ حڪومت کي حڪم ڏئي چڪي آھي ته ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏياريو. ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي نگران حڪومت وٽ عوامي راءِ خلاف فيصلا ڪرڻ جو اختيار ئي ناھي پر ڏاڍ مڙسي ذريعي ھڪ ڀيرو ٻيهر گرينائيٽ سٽي جو نالو ڏئي ھي ڪارونجهر کي ڪٽڻ چاھن ٿا. ھنن مطالبو ڪيو ته نگران حڪومت پنهنجي جاري ڪيل ايجنڊا مان گرينائيٽ سٽي وارو حصو ختم ڪري ٻي صورت ۾ عدالتي فورم استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ احتجاجي مظاهرا ڪري ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ ٻيھر تحريڪ شروع ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29 ° C
29 °
29 °
10 %
7kmh
100 %
اربع
25 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون