تازه ترين
پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: صدر آصف علي زرداري هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاريءَ کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي: سيد مراد عل... وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پاڪستان کي تباهه ۽ برباد ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: نوازشريف پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪالي وارين اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هر قسم جي مدد ڪئي وڃي، پاڪستاني نوجوان ڪرغزستان ۾ پاڪستان جا سفير آهن : ب... صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ انٽرميڊيئٽ نتيجن ۾ ڦيرڦار بابت ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت... سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  گهوٽڪي ويجهو ساوند-سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو ڪوٽڙي ۾ 12 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش ٿي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري...

ڪوٽڙيءَ ۾ پراسرار نموني قتل ٿيل نينگري آسيا هزارا ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي

ڪوٽڙيءَ ۾ پراسرار نموني قتل ٿيل نينگري آسيا هزارا ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.

ڏهه ڏينهن اڳ ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد محمود شاھه ڪالوني ۾ بيدردي سان قتل ڪيل آسيه هزارا جي قتل ڪيس جي مک جوابدار نويد هزاره جي پوليس گرفتاري ظاھر ڪندي ميڊيا آڏو پيش ڪيو.

پوليس گرفتار جوابدار جي قبضي مان 2 واليون ۽ جوتا پڻ هٿ ڪري ورتا آهن.

ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 7 اپريل تي شام ڌاري آسيه گم ٿي وئي، ٽيليگراف ٿاڻي تي گم ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪئي وئي، 8 اپريل تي سندس لاش بند پيل جاءِ جي ڪچري مان مليو هو.

سندس چوڻ هو ته پوليس مسلسل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا، نويد هزارا گتا ميڙيندو آهي، واقعي واري ڏينهن کان فرار هو.

ايس ايس پي ڄامشورو چيو ته 7 ڏينهن بعد نويد هزارا گتا ميڙيندي نظر آيو جنهن دوران کيس گرفتار ڪيو، جوابدار پوليس آڏو ڏوھه جو اعتراف ڪري ورتو.

محمد طارق نواز چيو ته آسيه جي ڪنن مان واليون لاهي منهن تي رومال ڏئي ساھه ٻوساٽي پوءِ لاش ٻوري ۾ بند ڪري کڻي بند پيل جاءِ تي اڇلايو، ڪوٽڙي جي هڪ سوناري سان 22 سئو رپين ۾ واليون وڪرو ڪري عيد جا ڪپڙا ۽ بک سبب اهو قدم کنيو آ، سوناري کي به گرفتار ڪيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
32 %
2.8kmh
64 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °
اربع
34 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون