ناڪاره جهاز کي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي

spot_img
ناڪاره جهاز جي ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي شروع ٿي وئي، جهاز کي شاهراهه فيصل کان نيشنل هاءِ وي طرف روانو ڪيو ويو. ٽرانسپورٽ ڪمپني جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته جهاز کي 128 ويلر ٽرالر جي مدد سان حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي. جهانگير صديقي چيو ته پوئين جهاز جي مقابلي ۾ هي جهاز وڏو آهي، جهاز سڀاڻي رات تائين حيدرآباد پهچي ويندو. ان کان اڳ ترجمان سي اي اي جو چوڻ هو ته 60 ٽن وزني ۽ 160 فٽ ڊگهو جهاز تربيتي مقصد لاءِ منتقل ڪيو ويندو، اهو ايم ڊي 83 جهاز 25 ڊسمبر 2011ع کان غير فعال آهي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر منير عالم جو چوڻ آهي ته جهاز کي ملير نيشنل هاءِ وي کان گهارو ۽ ٺٽي جي رستي حيدرآباد ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ٽريننگ سينٽر منتقل ڪرڻو آهي ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل اٿارٽيز کان اين او سيز حاصل ڪيون ويون آهن. اختيارين موجب منتقلي کي آسان ڪرڻ جي لاءِ جهاز کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي ته جيئن سفر دوران ٽريفڪ متاثر نه ٿئي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون