تازه ترين

ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر ۾ واڌ ٿي وئي

- Advertisement -
ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر ۾ واڌ ٿي وئي.پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف ضلعن ۾ ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي بند ڪيو ويو. عالمي موسمياتي ويب سائيٽ موجب، زيارت ۾ پارو ڪاٽو 11 ڊگري تائين پهچي ويو ۽ اسڪردو ۾ ڪاٽو 9 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو. عالمي موسمياتي ويب سائيٽ موجب اسڪردو ۾  ڪاٽو 9، قلات ۾ ڪاٽو 5 ۽ ڪوئيٽا ۾ گرمي پد ڪاٽو هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان علاوه اسلام آباد 4، پشاور 6 ، لاهور 10 ۽ ڪراچي ۾ گرمي پد 13 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شام يا رات جو ڪشمير ۽ لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ موسم جهڙالي ۽ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. ٻئي پاسي موٽر وي پوليس موجب، موٽر وي ايم ون پشاور کان برهان ۽ ايم فور شورڪوٽ کان ملتان تائين بند ڪئي وئي. موٽر وي پوليس ترجمان موجب، موٽر وي ايم 5 ملتان کان سکر تائين به ڪوهيڙي سبب بند ڪئي وئي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
28 %
2.6kmh
7 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون