- Advertisement -
شاهپورجهانيان ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف پرامن احتجاج ڪندڙ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن، آبادگارن، ھارين ۽ پورهيتن سميت 70 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
سرڪاري فرياد تي دولتپور ٿاڻي تي ايس يو پي اڳواڻ استاد عبدالفتاح ٻگهيو جي 2 پٽن اسد الله ٻگهيو، سيف الله ٻگهيو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ نواز خان زنئور، ڳوٺاڻن صدام ماڇي، موسا جسڪاڻي، انور لغاري، غلام قمبر بهراڻي، جمعو خان پٺاڻ، نثار ٻگهيو، محمد ياسين بگو، محمد علي لغاري، عاشق سولنگي، امداد بگو، ذوالفقار لغاري، منور لغاري سميت 25 ڄاتل ۽ 70 اڻڄاتلن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته پرامن احتجاج ڪرڻ تي سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏنا ويندا، ڪئنالن خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي.- Advertisement -
