- Advertisement -
اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته شهباز کي وزيراعظم بڻايو پر هو لڪير جو فقير آهي، پراڻا ماڻهو جيڪي پي ٽي آءِ ۾ هئا واپس اچڻ چاهن ٿا.
خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي آصف زرداري چيو ته ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته ميان صاحب لاڏلو نه رهيو هجي؟،
هن چيو ته ميان صاحب تڏهن لاڏلو ناهي هوندو جڏهن اقتدار ۾ نه هجي، بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ڏسڻ چاهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته بلاول مخالفن جا ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو، چونڊن ۾ هڪٻئي تي تنقيد جائز آهي.
آصف علي زرداري چيو ته چونڊن کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو پ پ ۾ واپس ايندا، ڪراچي ۾ ڪجهه رنڊڪون نه هجن ته پ پ ڪلين سوئپ ڪري سگهي ٿي.- Advertisement -
