Featured پاڪستان پهريون صفحو شهباز شريف کي وزيراعظم بڻايو پر هو لڪير جو فقير آهي : آصف زرداري Sindh TV News - جنوري 30, 2024 0 اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته شهباز کي وزيراعظم بڻايو پر هو لڪير جو فقير آهي، پراڻا ماڻهو جيڪي پي ٽي آءِ ۾ هئا واپس اچڻ چاهن ٿا. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي آصف زرداري چيو ته ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته ميان صاحب لاڏلو نه رهيو هجي؟، هن چيو ته ميان صاحب تڏهن لاڏلو ناهي هوندو جڏهن اقتدار ۾ نه هجي، بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ڏسڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته بلاول مخالفن جا ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو، چونڊن ۾ هڪٻئي تي تنقيد جائز آهي. آصف علي زرداري چيو ته چونڊن کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو پ پ ۾ واپس ايندا، ڪراچي ۾ ڪجهه رنڊڪون نه هجن ته پ پ ڪلين سوئپ ڪري سگهي ٿي.