- Advertisement -
اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد نيڪمان الله مارجي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد وٽان هٿيار، بارودي مواد ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هو، علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن پڻ ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي..- Advertisement -
