- Advertisement -
شهدادڪوٽ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري لائين مين کي قتل ڪري ڇڏيو.
لائن مين محمود وڌو ڊيوٽي تي ڳوٺ چاڪياڻي کان شهدادڪوٽ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هٿياربندن کيس روڪي موبائل فون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هٿياربندن مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري لائن مين کي زخمي ڪري ڇڏيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويندو.- Advertisement -
