- Advertisement -
ميرپورخاص جي عدالت، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪفن دفن ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ 18 جوابدارن کي ستن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪفن دفن ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ لاش ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عمرڪوٽ پوليس گرفتار ٿيل 18 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو.
جاچ آفيسر عدالت کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي رمانڊ ڏنو وڃي.
عدالت جاچ آفيسر جي اپيل منظور ڪندي گرفتار 18 جوابدارن کي ستن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪفن دفن ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ 19 سڃاتل ۽ 15 اڻڄاتل جوابدار شامل آهن، جن مان رڳو 18 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
