- Advertisement -
پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر چيو آهي ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڪوڙيون روايتون ٽوڙي نون سماجي قدرن جا بنياد رکيا، هن پاڪستان سميت سڄي دنيا جي عورتن لاءِ هڪ لازوال ميراث ڇڏي.
شهيد راڻيءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ فريال ٽالپر چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ميراث هرگز عهدن تائين محدود ناهي، پاڪستان عورتن کي بااختيار بنائڻ بابت شهيد راڻي جون ڪوشون رڳو هڪ سياسي موقف ناهي.
هن چيو ته 8 فيبروري تي رٿيل اليڪشن شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي مشن بابت اهم ثابت ثابت ٿي سگهي ٿو، عوام چونڊن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏي.
فريال ٽالپر چيو ته بلاول ڀٽو زرداري شهيد راڻيءَ جو مشن مڪمل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي هو ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍي نئين دور جي شروعات ڪندو.- Advertisement -
