- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو بهادري ۽ حوصلي جي اميد هئي، هن ملڪ کي سائنسي، معاشي ۽ صنعتي شعبن ۾ اڳتي وڌايو، شهيد بي بي ڀائيچاري ۽ اتحاد کي هٿي وٺرائي، شهري آزادين جي تحفظ ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ بي انتها جدوجهد ڪئي.
اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري شهيد راڻي کي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو بهادري ۽ حوصلي جي اميد هئي.
سندس چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پيدائش سبب 21 جون جو ڏينهن قوم لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، هن ملڪ کي سائنسي، معاشي ۽ صنعتي شعبن ۾ اڳتي وڌايو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بي بي ڀائيچاري ۽ اتحاد کي هٿي وٺرائي، شهري آزادين جي تحفظ ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ بي انتها جدوجهد ڪئي، محترمه بينظير ڀٽو سڀني لاءِ برابري جي موقعن تي يقين رکندي هئي.
هن چيو ته شهيد راڻي اهڙي پاڪستان جو تصور رکندي هئي جتي خوشحالي گڏيل هجي ۽ ڪير به پٺتي نه رهي، آمرن طرفان ڪوڙن ڪيسن ۽ قيد ڪاٽڻ باوجود محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي آخري ساهه تائين ظلم ۽ ڏاڍ خلاف وڙهندي رهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سيکاريو ته حقيقي قيادت ذاتي ساڙ کان مٿاهين هوندي آهي، هو برادري جي حقن ۽ ڀلائي واري رياست جي قيام لاءَ ناانصافي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندا.- Advertisement -
