تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو بهادري ۽ حوصلي جي اميد هئي، هن ملڪ کي سائنسي، معاشي ۽ صنعتي شعبن ۾ اڳتي وڌايو : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو بهادري ۽ حوصلي جي اميد هئي، هن ملڪ کي سائنسي، معاشي ۽ صنعتي شعبن ۾ اڳتي وڌايو، شهيد بي بي ڀائيچاري ۽ اتحاد کي هٿي وٺرائي، شهري آزادين جي تحفظ ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ بي انتها جدوجهد ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري شهيد راڻي کي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو بهادري ۽ حوصلي جي اميد هئي. سندس چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پيدائش سبب 21 جون جو ڏينهن قوم لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، هن ملڪ کي سائنسي، معاشي ۽ صنعتي شعبن ۾ اڳتي وڌايو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بي بي ڀائيچاري ۽ اتحاد کي هٿي وٺرائي، شهري آزادين جي تحفظ ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ بي انتها جدوجهد ڪئي، محترمه بينظير ڀٽو سڀني لاءِ برابري جي موقعن تي يقين رکندي هئي. هن چيو ته شهيد راڻي اهڙي پاڪستان جو تصور رکندي هئي جتي خوشحالي گڏيل هجي ۽ ڪير به پٺتي نه رهي، آمرن طرفان ڪوڙن ڪيسن ۽ قيد ڪاٽڻ باوجود محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي آخري ساهه تائين ظلم ۽ ڏاڍ خلاف وڙهندي رهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سيکاريو ته حقيقي قيادت ذاتي ساڙ کان مٿاهين هوندي آهي، هو برادري جي حقن ۽ ڀلائي واري رياست جي قيام لاءَ ناانصافي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
24 %
2kmh
70 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون