شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ نينگري فاطمه جي قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو: نگران صوبائي وزير

0
836

قانون ۽ انساني حقن واري نگران صوبائي وزير عمر سومري چيو آهي ته شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ نينگري فاطمه جي قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو، حنا شاهه به جلد گرفتار ٿيندي، مٿن ڪو به دٻاءُ ناهي.

نوشهروفيرز  تعلقي بار ڀرياسٽي ۾ نگران صوبائي وزير عمر سومري جي مان ۾ آجياڻو ڏون ويو، جنهن ۾ سنڌ بار جي ميمبرن سميت وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي  نگران صوبائي وزير ضلعي جي مختلف بارن کي ليپ ٽاپ، انٽرنيٽ ڪنيڪشن ۽ پي ايل ڊي ڪنيڪشن ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي ۽ ملير بار جيان نوشهروفيروز بار کي ساڍا نو ايڪڙ زمين وڪيلن جي رهائشي ڪالوني لاءِ ڏني ويندي.

عمر سومري چيو ته فاطمه ڦروڙ ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو، جان محمد مهر جا قاتل ڪچي فرار ٿيل آهن، جن لاءِ ڪچي ۾ آپريشن ضروري آهي.

نگران صوبائي وزير چيو ته فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ حنا شاهه کي به گرفتار ڪيو ويندو، مٿن ڪو به دٻاءُ ناهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here