شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي 27هين ورسي جي موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو پاران مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون

spot_img
- Advertisement -

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي 27هين ورسي جي موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو پاران مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون.

نئين ديري ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي .

پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ غلام حيدر ناريجي، مجيد سيال، وريام چنه، غلام رسول عمراڻي، خالد ڀٽو ۽ ٻين شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گل جي چادر چاڙهي.

پاڪستان پيپلزپارٽي پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي نئين ديري هائوس ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي.

ٺٽي ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ عهديدارن ۽ ورڪرن سميت شهرين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي بابو احسان ڀٽو، رمضان بروهي، چاندي خان بروهي، حيدر جوڳي، اميد علي جوکيو ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو مظلومن جو ساٿي هو، هن هميشه جبر، ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف آواز بلند ڪيو.

لعلو رائنڪ ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سرويچ چانڊيي، روش خاصخيلي، نجاوت مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل ڪيس ٻيهر هلائي جوابدارن کي سزا ڏني وڃي …….

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
24%
1.2m/s
0%
اربع
14 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون