- Advertisement -
شڪارپور جي منڊي ڦاٽڪ وٽ نوجوان پنھنجي پٽ کي بچائيندي ريل گاڏي ھيٺان اچي زخمي ٿي پيو.
منڊي ڦاٽڪ وٽ ريلوي ٽريڪ تي راند ڪندڙ ٻارڙي کي بچائيندي 23 سالن جو درشن پٽ ڌرمو باگڙي پنھنجي معصوم پٽ سوھان کي بچائيندي بولان ميل ريل گاڏي ھيٺان اچي ويو، جنھن سبب سندس ڄنگهه ۽ ٻانھن ڪٽجي وئي.
حادثي بعد درشن کي وارثن کڻائي شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي علاج جي اڻھوند سبب کيس سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو.
ڊاڪٽرن موجب درشن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، ڪوشش ڪري رھيا آھن ته سندس حياتي بچائي سگھجي.- Advertisement -
