- Advertisement -
بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جا ٻه جوان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته قلعي عبدالله واري علائقي گلستان ايريان ۾ سڪيورٽي فورسز جي چيف پوسٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي، جيڪا فورسز ناڪام بڻائي ڇڏي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته دهشتگردن ۽ سڪيورٽي فورسز ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻن آپگهاتي بمبارن سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان نائڪ طاهر خان ۽ 26 ورهين جو لانس نائڪ طاهر اقبال بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب حملي بعد علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن ۽ بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب خيبرپختونخوا جي علائقي بنون ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب بنون جي علائقي جاني خيل ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران دهشتگردن جي ٿاڪن تي اثرائتي ڪارروا ڪئي.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي بعد علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو.- Advertisement -
