- Advertisement -
ڪراچي کان لاهور ويندي بن قاسم ٽائون ويجهو شاليمار ايڪسپريس جون 3 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون، بوگين جي پٽڙي تان لهڻ کان پوءِ مسافر محفوظ رهيا ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.
شاليمار ايڪسپريس ڪراچيءَ کان لاهور وڃي رهي هئي ته بن قاسم ريلوي اسٽيشن ويجهو حادثو پيش آيو.
ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽرين جو بوگيون پٽڙي تان لهڻ سبب ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، سمورا مسافر محفوظ آهن.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪينٽ اسٽيشن کان رليف ٽرين واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته جلد ٽريڪ بحال ڪري ٽرين کي منزل طرف روانو ڪيو ويندو.- Advertisement -
