تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مسلم ليگ (ن) جو سينيٽر عرفان صديقي لاڏاڻو ڪري ويو

- Advertisement -
مسلم ليگ (ن) جو سينيٽر عرفان صديقي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس تدفين اڄ شام اسلام آباد ۾ ڪئي ويندي. عرفان صديقي ٻن هفتن کان بيماري سبب اسلام آباد جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. مرحوم عرفان صديقي جي جنازي نماز اڄ شام چئين وڳي ايڇ اليون قبرستان ۾ ادا ڪئي ويندي. سينيٽر عرفان صديقي سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جو پارلياماني اڳواڻ هو، سندس ڳاڻيٽو نواز شريف جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو. عرفان صديقي مارچ 2021 ۾ سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو هو، هو سينيٽ جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جو چيئرمين پڻ هو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري عرفان صديقي جي لاڌاڻي تي تعزيت جوا ظهار ڪندي چيو ته عرفان صديقي جون جمهوريت لاءِ بي پناهه خدمتون آهن جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. صدر مملڪت آصف زرداري عرفان صديقي جي ايثال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو.ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان هڪ سنجيده مفڪر، معلم ۽ اصول پسند دانشور کان محروم ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف عرفان صديقي جي لاڌاڻي کي علمي دنيا ۽ معاشري لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
24 %
2kmh
70 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون