تازه ترين

صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن کي ستن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سکر جي عدالت سينيئر صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن کي ستن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران گرفتار ٿيل ٽن جوابدارن بخشل عرف بخشو، بابر مهر ۽ منور مهر کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ون جي جج آڏو پيش ڪيو ويو.

عدالت گرفتار ٽن جوابدارن کي ستن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار شيرو مهر، نصير، روشن، مير محمد، گلزار، مددگار سهيل، محسن، جمال الدين ۽ ٻيا گرفتار نه ٿي سگهيا.

صحافي جان محمد مهر جي قتل کي 23 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس مک قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
4.7kmh
41 %
آچر
27 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون