تازه ترين

صحافي نصر الله گڏاڻي جي امڙ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جو قتل ڪيس  دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپور ماٿيلو کان ڪراچي يا ڪنهن ٻئي شهر منتقل ڪرڻ بابت درخواست داخل تي ايس ايس پي گهوٽڪي کان 7 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپور ماٿيلو کان ڪراچي يا ڪنهن ٻئي شهر منتقل ڪرڻ بابت سندس امڙ پٺاڻي گڏاڻي جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس شفيع صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني لارجر بينچ ڪئي. صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي سنڌ هائيڪورٽ ۾ پيش ٿي. درخواست ڏيندڙ پٺاڻي گڏاڻي موقف اختيار ڪيو ته جاچ آفيسر عدالت ۾ چالان پيش نه ٿو ڪري عدالت ۾ چالان پيش ڪيو وڃي، جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته هو اڃا تائين چالان پيش ڇو نه ٿو ڪري. وڪيل صلاح الدين پنهور موقف اختيار ڪيو ته جاچ آفيسر جوابدارن کي بچائڻ چاهي ٿو. نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي چيو ته نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث پيپلزپارٽي جو ايم اين اي خالد لنڊ، سندس پٽ شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ ٻيا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپور ماٿيلو ۾ خالد لنڊ ۽ سندس پٽ سوين ماڻهن سان گڏ گاڏين ۾ هٿيار کڻي اچن ٿا ۽ هيسائن ٿا. وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته پوليس جوابدار جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي. پٺاڻي گڏاڻي چيو ته پوليس نصرالله قتل ڪيس ۾ جوابدار عبدالله لنڊ، برڪت لنڊ ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري، جان کي خطرو آهي حاضري تي پيش نه ٿا ٿي سگهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جوابدار آهن کين عدالت ۾ پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي. عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي کان 7 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
50 %
3.3kmh
20 %
اربع
22 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون