- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير، گورنر ڪي پي کي صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سهڪار جي خاطري ڇڏي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪرم ۾ زميني تڪرار تان قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي، ڪجهه عنصرن ٻن ڌرين جي جهيڙي کي غلط رنگ ڏنو، جنهن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران خيبرپختونخوا جي مجموعي صورتحال، امن امان ۽ ڪرم جي افسوسناڪ واقعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير ۽ گورنر ڪي پي ڪرم جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ بابت اتفاق ٿيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪرم ۾ زميني تڪرار تان قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي، ڪجهه عنصرن ٻن ڌرين جي جهيڙي کي غلط رنگ ڏنو، جنهن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو.
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سهڪار تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جا ٿورا مڃيا.- Advertisement -
